تازا ترين
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

جويريه ۽ سعود جو سلميٰ ظفر خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

اسان جي پراڊڪشن هائوس سلميٰ جي بي بنياد الزامن تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي: جويريه

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا سلميٰ ظفر جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن اداڪار جوڙي جويريه ۽ سعود تي ڳنڀير الزام لڳايا هئا. ان کانپوءِ جويريه طرفان به انهن جو جواب ڏنو ويو هو ۽ هاڻي اها خبر سامهون آئي آهي ته جوڙي سلميٰ خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. جويريه پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هو ۽ سندس مڙس اداڪار سعود، اداڪارا سلميٰ ظفر خلاف قانوني ڪارروائي ڪندا. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته سندن پراڊڪشن هائوس (جي جي پراڊڪشن) اداڪارا سلميٰ ظفر خلاف ڪوڙا الزام لڳائڻ تي قانوني ڪارروائي ڪندي. اداڪارا ٻڌايو ته سندس پراڊڪشن جي وڪيلن سلميٰ ظفر جي بي بنياد الزامن تي سندس خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. اداڪارا لکيو ته سندس پراڊڪشن هائوس، هو ۽ سندس مڙس انهن خلاف به سائبر ڪرائم ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪندا جن ڪنهن به تصديق کانسواءِ سلميٰ ظفر جي الزامن جي وڊيو شيئر ڪئي. ان کانپوءِ اداڪارا ساٿ ڏيڻ تي ميڊيا انڊسٽري جا ٿورا به مڃيا آهن. واضح رهي ته سلميٰ ظفر 35 منٽن جي وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سعود ۽ جويريه سندس هڪ ڪروڙ رپيا ڦٻائي ويا آهن جڏهن ته هنن عام ملازمن کي به هزارين رپيا گهٽ ڏنا هئا. اداڪارا سعود ۽ جويريه جي اڻ وڻندڙ ورتاءُ چيو هو ته ملازمن سان سندن رويو خراب هيو ۽ هو کاڌ خوراڪ به احسان طور ڏيندا هئا. هن الزام لڳايو هو ته جويريه ۽ سعود ماهوار 7 هزار رپين جي پگهار تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي به پگهار نه ڏيندا هئا جڏهن ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي به 10 هزارن جي جاءِ تي 4 هزار رپيا ڏنا ويا. وڊيو ۾ هن اعتراف ڪيو هو ته وٽس جويريه ۽ سعود جي ڪرپشن ۽ سندن ملازمن جا پيسا ڦٻائڻ جي حوالي سان ثبوت موجود نه آهن. سلميٰ عورتن جي تذليل جي حوالي سان به جوڙي تي الزام لڳايو هو ٻئي پاسي جويريه الزامن جي ترديد ڪري چڪي آهي.

Bookmark the permalink.