تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جوهي چاولا ڪورونا جي خاتمي لاءِ پراميد، عيد جون مبارڪون

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) عيد جي موقعي تي بالي ووڊ اداڪارا جوهي چاولا جو چوڻ آهي ته خدا اسان جي زندگين ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون آڻي. بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا عيد جي موقعي تي سڀني کي عيد مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته الله جون رحمتون اسان جي زندگين ۾ خوشيون، محبت ۽ خوشحالي آڻين. اداڪارا وڌيڪ چيو آهي ته اميد ڪريان ٿي ته رمضان جي پڄاڻي سان گڏوگڏ ڪورونا وبا جي به پڄاڻي ٿيندي ۽ سڀني جون دعائون قبول ٿي وينديون. واضح رهي ته جوهي چاولا ڀارتي اداڪارا ۽ پروڊيوسر آهي. هن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ايوارڊ ماڻي چڪي آهي.

Bookmark the permalink.