تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جوني اڳوڻي زال خلاف هرجاڻي جي ٽرائل ۾ دير جو خواهشمند

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪار 57 ورهين جي جوني ڊيپ آمريڪي عدالت ۾ پنهنجي اڳوڻي زال اداڪارا امبر هرڊ خلاف داخل ڪيل هرجاڻي جي ڪيس جو ٽرائل ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي. جوني ڊيپ مارچ 2019ع ۾ اڳوڻي زال امبر هرڊ خلاف رياست ورجينيا جي ڪائونٽي فيئرفيڪس جي عدالت ۾ 5 ڪروڙ ڊالر هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي هئي. جوني ڊيپ طرفان اهڙي وقت ۾ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي وئي هئي جڏهن سندس اڳوڻي زال مشهور اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ عورتن تي گهريلو تشدد، کين گهريلو جنسي هراساني جو نشانو بنائڻ تي هڪ مضمون لکيو هو، امبر هرڊ پنهنجي مضمون ۾ آمريڪي حڪومتي ادارن کان مطالبو ڪيو هو ته هو عورتن کي گهريلو تشدد، گهريلوجنسي هراساني ۽ استحصال کان بچائڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻن.

Bookmark the permalink.