تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جنگجو ناري جي فلم ”مولان“ تي چين ۾ تڪرار

بيجنگ (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) تازو هالي ووڊ ايڪشن ٿرلر فلم مولان کي ڪورونا سبب آن لائن رليز ڪيو ويو هو پر هن فلم کي چين ۾ سينما هائوسز ۾ رليز ڪيو ويو هو، فلم جي رليز ٿيندي ئي چين ۾ نئون تڪرار سامهون آيو آهي ۽ هي تڪرار چين مان نڪري آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي. فلم جي رليز کانپوءِ پراڊڪشن هائوس کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي ته فلم جا ڪجهه حصا چين جي صوبي سنڪيانگ ۾ شوٽ ڪيا ويا آهن. ڊزني اسٽوڊيو کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيني حڪومت تي الزام لڳايا ويا آهن ته هو سنڪيانگ ۾ هيل تائين انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي.

Bookmark the permalink.