تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

جنيد خان پنهنجي يوٽيوب چينل تي نئين ويب سيريز شروع ڪري ڇڏي

مشهور پاڪستاني اداڪار يوٽيوب چينل تي “ڪهه دو” نالي ويب سيريز جي شروعات ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما دنشٽري جي مشهور اداڪار جنيد خان پنهنجي مداحن لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئين ويب سيريز شروع ڪري ڇڏي آهي. بلاڪ بسٽر ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪار جنيد خان مداحن سان ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي يوٽيوب چينل تي هڪ “ڪهه دو” نالي ويب سيريز شروع ڪئي آهي جنهن جون تصويرون هن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيون آهن. انسٽاگرام تي اداڪار هڪ تصوير شيئر ڪئي، هي تصوير سندس ويب سيريز جي پوسٽر جي آهي. گڏوگڏ هن ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪجهه دو هڪ لاڳيتي ڳالهه ٻولهه آهي جيڪا مان اوهان سان ڪرڻ چاهيان ٿو. جنيد خان لکيو ته ڪجهه منهنجي ۽ ڪجهه اوهان جي چيلينجز ۽ جدوجهد کي ڄاڻڻ چاهيان ٿو، جيڪي اسان جا لاڳاپا آهن دنيا سان، پنهنجي ڪم سان ۽ پاڻ پنهنجو پاڻ سان انهن کي سڃاڻڻ چاهيان ٿو. اداڪار وڌيڪ چيو ته ان لاءِ سڀ وساري چئي ڇڏي آهي مون دل جي ڳالهه، ان کانپوءِ هن هيش ٽيگ جو استعمال ڪندي لکيو ته ڪهه دو. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن پنهنجي يوٽيوب چينل جي لنڪ به ڏني. جنيد خان طرفان هي پوسٽ 18 ڪلاڪ اڳ شيئر ڪئي وئي هئي جڏهن ته هيل تائين هزارين مداح سندس پوسٽ کي پسند ڪري چڪا آهن ۽ تبصرن جو سلسلو جاري آهي. واضح رهي ته لاڪ ڊائون کانپوءِ ڪيترن ئي فنڪارن يوٽيوب جو سهارو ورتو آهي ۽ يوٽيوب چينل کولي ورتا آهن. انهن فنڪارن ۾ اداڪارا صبا قمر به شامل آهي جنهن پنهنجو يوٽيوب چينل لانچ ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين قسط ۾ به لاڪ ڊائون جو ئي ذڪر ڪيو هو ۽ ان کانپوءِ هن علي گل پير سان گڏجي مزاحيه خبرون پڙهڻ واري وڊيو جاري ڪئي هئي جن کي مداحن طرفان بي حد پسند ڪيو ويو هو. اداڪارا هيل تائين ڪيتريون ئي قسطون جاري ڪري چڪي آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ سرگرم نظر اچي ٿي.

Bookmark the permalink.