تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جنسي هراساني جا الزام، ايلن ڊيجنرس شو جا 3 پروڊيوسر برطرف

اداڪارا ايلجن ڊيجنرس شو جي ملازمن کان هڪ ڏينهن اڳ معافي گهري هئي

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا ٽي وي ميزبان ۽ ڪاميڊين 62 ورهين جي ايلين ڊيجنرس جي شو جي پروڊيوسرز ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن تي جنسي هراساني، نسلي تعصب ۽ ذهني اذيت ڏيڻ واري ماحول جي شڪايت کانپوءِ انتظاميا ٽن سينيئر پروڊيوسرز کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب دي ايلين ڊيجنرس شو کي پروڊيوس ڪندڙ پراڊڪشن هائوس وارنر برادرز جي ترجمان تصديق ڪئي ته ٽن اعليٰ عهديدارن کي پروگرام کان ڌار ڪيو ويو آهي. وارنر برادرز برطرف ڪيل پروڊيوسرز جا نالا ۽ تفصيل جاري نه ڪيا پر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ٽنهي کي ڌار ڪيو ويو آهي. کين اهڙي موقعي تي برطرف ڪيو ويو آهي جڏهن هڪ ڏينهن اڳ ايلين ڊيجنرس شو ملازمن کان معافي گهري هئي.

Bookmark the permalink.