تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

جنسي زيادتي جي واقعن خلاف فنڪار برادري به سراپا احتجاج

اسان کي جيڪڏهن خوف سان جيئڻو آهي ته محافظ ڇا جي لاءِ آهن؟ اسان ٽيڪس ڇا جو ڏيون ٿا: عائشه عمر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) موٽروي زيادتي ڪيس خلاف فنڪارن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڀرپور احتجاج ڪيو. موٽروي زيادتي ڪيس جي حوالي سان عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ۽ سموري قوم زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. موٽروي زيادتي واقعي خلاف فنڪارن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اداڪارا عائشه عمر چيو ته هتي ڪير به محفوظ ناهي، اسان ٽن سالن جي عمر کان ڄاڻيون ٿيون ته اسان محفوظ نه آهيون، اسان کي جيڪڏهن خوف سان جيئڻو آهي ته محافظ ڇا جي لاءِ آهن؟ محافظ جيڪڏهن اهو ٻڌائين ته محفوظ نه آهيون ته انهن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان ٽيڪسز ڇا جا ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته سرعام ڦاهي ڪو حل ناهي، اسان کي تيز ترين ٽرائل جي ڊيمانڊ ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي اداڪارا ماهرا خان چيو ته زينب لاءِ به اسان احتجاج لاءِ آيا هئاسين، عورت پنهنجي عزت نٿي وڃائي، زيادتي ڪندڙ عزت وڄائي ٿو، اسان تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اسان کي روزاني جي زندگي ۾ ٻارن کي سيکارڻو آهي. ان موقعي تي اداڪار ياسر حسين جو چوڻ هو ته سي سي پي او لاهور بي وقوفاڻي ڳالهه چئي آهي. هاڻي مردن کي سيکارڻو آهي ته ڪيئڻ اٿڻو ويهڻو آهي.

Bookmark the permalink.