تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ترڪ اداڪاره ڪلثوم علي جي عيد سيلفي سوشل ميڊيا تي وائرل

مشهور ترڪ ڊرامي جي اداڪارا عيد جي ڏهاڙي ورتل تصوير مداحن سان شيئر ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ترڪ گيمز آف تهرونز چورائيندڙ ڊرامي(ارطغرل غازي) ۾ اصلاحان عورت جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره ڪلثوم علي(اصلاحان) جي عيد سيلفي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تفصيل موجب . سڄي دنيا ۾ هن ڊرامي کي سڀني کان وڌيڪ پاڪستان ۾ ڏٺو ويو آهي هن ڊرامي ۾ مُک ڪردار ارطغرل غازي ۽ حليمه سلطان ادا ڪيو آهي جڏهن ته ٻيا اداڪار به زبردست ڪردار ادا ڪري چڪا آهن. سڄي دنيا جيان ڪالهه ترڪي ۾ عيدالاضحيٰ ملهائي وئي جڏهن ته ان حوالي سان ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي ۾ اصلاحان خاتون جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره ڪلثوم علي عيد جي حوالي سان پنهنجي تازي تصوير شيئر ڪئي.
جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
انسٽاگرام تي خوبصورت تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره ڪلثوم علي کي ڳاڙهي رنگ جو اسڪاف  پاتل آهي ۽ ترڪ زبان ۾ ڪيپشن لکيل آهي  هن ڪيپشن ذريعي جاري ڪيل پيغام ۾ سڀني کي عيد مبارڪباد جو پيغام ڏنو آهي.

Bookmark the permalink.