تازا ترين
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ترڪش فنڪارن تي تنقيد: احسن خان پاڪستانين تي ڪڙڪي پيو!

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪار احسن خان ترڪي جي مشهور ڊرامي ارطغرل غازي جي فنڪارن تي تنقيد ڪندڙ پاڪستانين جي ڇنڊ پٽي آهي. ترڪي جو مشهور ڊرامو پاڪستان ۾ اردو ۾ ڊب ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ڊرامي کي ڀرپور موٽ ملي رهيو آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ ڊرامو ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي. ان ڏس ۾ ماڻهو ڊرامي جي اداڪارا ايسرا بلجيڪ حليما سلطان جو ڪردار نڀايو آهي ۽ ڊرامي ۾ ته هو معصوم ۽ خوش لباس ۾ نظر اچي ٿي جڏهن ته نجي زندگي ۾ هو مختلف آهي. پاڪستاني اسرا جي حليما سلطان واري ڪردار جا مداح آهن پر جڏهن هنن کيس انسٽاگرام تي اولهه جي لباس ۾ ڏٺو صدمي ۾ اچي ويا ۽ جذبات ۾ اچي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن ته کيس اسلامي لباس پهرڻ جي هدايت به ڪئي. هوڏانهن ڊرامي جي اداڪار جو پالتو ڪتو به سندس پاڪستاني مداحن کي نه وڻيو ۽ هنن کيس به صلاح ڏني ته ڪتو پالڻ جي اجازت ناهي ان لاءِ هو ڪتو پالڻ ڇڏي ڏئي. اهڙي صورتحال ڏسندي احسن خان به چپ نه رهي سگهيو ۽ ماڻهن تي تنقيد ڪندي لکيو ته مون کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ ماڻهو سچين ٿا ته هتي اداڪارن تي تنقيد ڪرڻ ٺيڪ آهي پر گهٽ ۾ گهٽ ارطغرل جي ڪاسٽ کي بخشيو، هي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي شرمناڪ آهي اسان ڪير ٿيندا آهيون هنن سان اهو سڀ ڪرڻ وارا؟

Bookmark the permalink.