تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ترڪش اداڪارا تي انوشي اشرف ۽ ياسر حسين وڙهي پيا!

ميزبان انوشي اشرف انسٽاگرام تي لائيو سيشن ۾ ياسر حسين جو انٽرويو ڪيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) فلم ۽ ڊراما انڊسٽري سان واسطو رکندڙ اداڪار ياسر حسين ۽ پاستاني ميزبان انوشي اشرف وچ ۾ لائيو وڊيو دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. اداڪار ياسر حسين وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي نشر ڪيل ڊرامي ارطغرل غازي خلاف آهي پر هاڻي پاڪستاني برانڊز طرفان ترڪش فنڪارن کي برينڊ ايمبيسڊر بڻائڻ تي گهڻو ئي ڪاوڙيل آهي. ياسر حسين پرڏيهي فنڪارن کي پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ ملندڙ ڪم خلاف ڳالهائي رهيو آهي. پاڪستان شوبز انڊسٽري جا فنڪار اهڙي موضوع تي ورهايل آهن، ڪجهه فنڪارن جو چوڻ آهي ته فنڪارن جي فن جي ڪا سرحد نه هجڻ گهرجي جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته ترڪش ڊرامي جي ڪاميابي کانپوءِ ترڪا داڪار به پاڪستان ۾ ايندا جنهن سان مقامي فنڪارن کي نقصان ٿيندو، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ برسات دوران ميزبان انوشي ياسر حسين جو لائيو انسٽا سيشن ذريعي انٽرويو ڪيو. انٽرويو دوران انوشي طرفان  ياسر حسين کان سوال ڪيو ويو ته هو ائين ڇو سوچي ٿو ته پاڪستان ۾ عالمي اداڪارن کي نه اچڻ گهرجي ۽ کين هتي ڪم نه ملڻ گهرجي. ان جي جواب ۾ ياسر حسين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ٻاهران پاڪستان اچي ٿو ته ان کي پهريان هتي اچي هڪ سال محنت ڪرڻ گهرجي جيئن اسان جون اداڪارائون ڏينهن رات محنت ڪن ٿيو، ياسر حسين ترڪش اداڪارا ايسرا بليجڪ بابت چيو ته هو پاڪستان آئي به ناهي هو ته پنهنجا شوٽ به پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائي رهي آهي، هو پاڪستان اچي ها ڪراچي يا پشاور ۾ سندس اشتهار تيار ٿئي ها ته هتان جي عوام کي به پيسو ملي ها. ان تي انوشي اشرف جو چوڻ هو ته هڪ يا ٻه ڪمرشل سان ڇا ٿئي ٿو، انوشي ڀارتي اداڪارا ڪرينا ڪپور جو مثال ڏيندي چيو ته هو پاڪستاني برانڊ ايمبيسڊر بڻجي چڪي آهي. ياسر حسين انوشي جي ڳالهه تي حيراني جو اظهار ڪندي چيو ته کيس ان ڳالهه تي حيراني ٿي رهي آهي ته جيڪڏهن اوهان کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته عوام کي ڇا سمجهه ۾ ايندو ته ٻاهرين اداڪارن کي پاڪستاني برينڊز جي ايمبيسيڊر بڻائڻ اسان جي فنڪارن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. 

Bookmark the permalink.