تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ترڪش اداڪارا ايسرا بلجيڪ اردو جي سکيا وٺڻ لڳي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ارطغرل غازي مان شهرت ماڻيندڙ ترڪ اداڪاره اسريٰ بلجڪ پاڪستان ۾ به  مشهوري ماڻي ورتي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ هن اردو  زبان به سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ارطغرل ۾ پنهنجي ڪردار حليمه سلطان مان شهرت ماڻيندڙ اسريٰ بلجڪ جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو   هلي رهي آهي جنهن ۾ هن اردو ۾ استعمال ٿيندڙ عام لفظ سکندي ۽ ان جو انگريزي ۽ ترڪي زبانن ۾ ترجمو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ هو اردو جا لفظ صحيح نموني چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي
الڪل درست لفظ سان گڏ ادا ڪري حيران ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه پنجابي لهجي ۾ آيا تي چها گيا به ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اداڪاره(بهت اعليٰ) جي ڳالهه ڪئي ۽  جڳاڙ جهڙا لفظ به بهتر طريقي سان ادا ڪيا ۽ لفظ چيتي کي پنهنجو پسنديده لفظ قرار ڏنو. پاڪستاني تهذيب ۽ ڪلچر مان متاثر اداڪاره اسريٰ بلجڪ ٻن منٽن جي وڊيو جي ختم ٿيڻ تي اردو لفظن جي ادائيگي جي مشق سان مزو ماڻيندي نظر آئي. ان کان اڳ هڪ وڊيو ۾ اسريٰ بلجڪ  ڪيترن ئي پاڪستاني کاڌا  آزمايا ۽  مرغي واري برياني کي پاڪستان جي پهرين نمبر جي ڊش جي طور تي چونڊ ڪيو هو.

Bookmark the permalink.