تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

بي وفائي جا الزام: شهروز سبزواري جو وضاحتي بيان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪار شهروز سبزواري ۽ ماڊل صدف ڪنول جي شادي جي خبر جيئن ئي سوشل ميڊيا جي زينت بڻي ته ان تي صارفين طرفان الزام ۽ تنقيد جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو. شهروز ۽ صدف جي شادي جيخبر ٻڌندي ئي صارفين غير معمولي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ سندن طرفان صدف ڪنول کي سائرا ۽ شهروز جي طلاق جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي صدف ۽ شهروز تي تنقيد ڪرڻ سان گڏوگڏ صارفين سائرا يوسف لاءِ همدردي جو اظهار به ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ شهروز سبزواري به سوشل ميڊيا تي بحث جو جواب پنهنجي وڊيو پيغام ذريعي ڏنو آهي. اداڪار پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته جيڪو ڪجهه منهنجي ۽ منهنجي ڪٽنب بابت چيو پيو وڃي اهو برداشت جوڳو ناهي، مان قسم کڻي چوان ٿو ته منهنجي ۽ سائرا جي عليحدگي جو سبب صدف ڪنول يا ڪا عورت يا بي وفائي ناهي. شهروز الزام لڳائيندڙن کي چيو ته مان اهو کليل چيلينج ڏئي رهيو آهيان جيڪو به چوي ٿو ته ڪنهن عورت سبب مان سائرا کي طلاق ڏني آهي اهو سامهون اچي ۽ ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي.

Bookmark the permalink.