تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بيماري جي بستري تي پيل فنڪار امام علي زنگيجو سهائتا جو منتظر

ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان جو ڀلوڙ فنڪار ۽ شاعر امام علي زنگيجو گذريل ڪيترن ئي سالن کان موذي مرض ڪاري ڪامڻ ۽ پٿري جي مرض ۾ مبتلا هجڻ سب ڪمائڻ کان لاچار بڻيل آهي ۽ بيماري سبب بستري تي پيل آھي. گهر جو الهه تلهه علاج تي خرچ ڪرڻ سبب سندس معصوم ٻار فاڪاڪشي جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته لاڪڊائون جي ڪري ٻه معصوم پٽ جيڪي هوٽل تي مزدوري ڪندا هئا اهي به بيروزگار ٿي پيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪو به راشن توڙي سرڪار طرفان سهڪار ناهي ڪيو ويو. شاعر امام علي زنگيجو جي ماءُ ٻڌايو ته غربت سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون هن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي ٻچي جي زندگي بچائي وڃي.

Bookmark the permalink.