تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

بهتر مستقبل جا خواب ڏسندڙ ناري جي ڪهاڻي “بکري موتي”

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جو مشهور اداڪار وسيم عباس، اداڪارا ثمينا احمد، نيلم منير، وياج علي اي آڙ وي ڊيجيٽل جي ڊرامي بکري موتي ۾ جوهر ڏيکاري رهيا آهن جنهن کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. ڊرامي جي ڪهاڻي جي حوالي سان ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ٻڌايو آهي ته ڊراما سيريل بکري موتي هڪ خوبصورت ڇوڪري آئيزا جي ڪهاڻي جيڪا پنهنجي بهتر مستقل لاءِ هنري خواب ڏسي ٿي پر تقدير ڪجهه ٻيو فيصلو ڪري ٿو، نوشين شاهه آئيزا جي وڏي ڀيڻ آهي ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، ياسر نواز (ذلفي) سندس مڙس آهي، هو هڪ لاپرواهه شخص آهي ۽ نشي جو عادي به آهي، نوشين وٽ برداشت ڪرڻ کانسواءِ ڪا واٽ ناهي، وهاج علي ۽ آئيزا هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ هي ٻئي هڪ محلي ۾ رهن ٿا، هن ڊرامي کي ايڊيسن ادريس لکيو آهي جڏهن ته هدايتڪار شاهد شفاعت آهي. ڊرامي جي ڪاسٽ جي حوالي سان هن ٻڌايو ته فنڪارن ۾ وهاج علي، ثمينه احمد، وسيم عباس، شائسته جبين، راشد فاروقي، فائزا گيلاني ۽ ٻيا شامل آهن.

Bookmark the permalink.