تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

برسات ۾ جوڳا بندوبست ڪرڻ تي اعجاز پاڪ فوج جو ٿورائتو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار اعجاز اسلم برسات کانپوءِ ڪراچي جي صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ تي پاڪ فوج جا ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پاڪ فوج جي امدادي ڪاررواين جي واکاڻ ڪندي اعجاز اسلم ٽوئيٽ ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته برسات جي پاڻي جي نيڪال جو اثرائتي انداز ۾ انتظام ڪرڻ تي پاڪ فوج جو شڪر گذار آهيان. هن لکيو ته پاڪ فوج پنهنجي وقت سر ڪاررواين سان ڪراچي وارن کي هڪ وڏي تباهي کان بچائي ورتو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ برساتن ۾ پاڪ فوج سول انتظاميا جي مدد لاءِ رليف آپريسن شروع ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب پاڪ فوج جون ريسڪيون ٽيمون متاثر علائقن ۾ مصروف آهن ۽ ڊي واٽرنگ پمپس سميت ضروري حفاظتي سامان سان امدادي سرگرميون جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي پاڻي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو به ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.