تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور به ڪورونا جو شڪار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور پاڻ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ڀارت ۾ سڀ کان تيزي سان ڪورونا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ۽ گذريل ڏينهن تائين مريضن جو انگ 41 لک کان وڌي ويو هو. اداڪار ارجن ڪپور انسٽاگرام پوسٽ ۾ مداحن کي آگاهه ڪيو ته هن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ هن پاڻ کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. اداڪار ٻڌايو ته سندس طبيعت بهتر آهي ۽ هن ۾ ڪي به علامتون نه آهن. اهو واضح ناهي ته ارجن ڪپور کي ڪورونا ڪٿان لڳو آهي ۽ آخري ڏينهن ۾ هو ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان ملاقات ڪري چڪو آهي.

Bookmark the permalink.