تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

بارودي ميوا کائڻ سان هاٿي جو موت، بالي ووڊ فنڪارن ۾ ڪاوڙ جي لهر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هاٿي جي موت جي افسوسناڪ واقعي تي فنڪارن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کي موت جو ذميوار قرار ڏنو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت ۾ هڪ هاٿي غلطي سان بارود ڀريل ميووا کائي ورتا هئا جن جي ڦاٽڻ سان هو تڙپي تڙپي مري وئي هئي. اهو واقعو ڏکڻ ڀارت جي رياست ڪيرالا ۾ باغن ويجهو پيش آيو هو. علائقي جي ماڻهن پنهنجي فصلن کي جهنگلي جانورن کان بچائڻ لاءِ ميوون ۾ ڦٽاڪا ڀري ڇڏيا هئا ته جيئن جانور ڀڄي وڃن. بالي ووڦ فنڪارن هاٿي جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي ڏوهارين کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انوشڪا شرما انسٽاگرام تي لکيو ته ڪيرالا جو وڏو وزير ڏوهارين کي ڳولي ۽ کين انجام تائين پهچائي. ان کانسواءِ اڪشي ڪمار، شرڌا ڪپور، عاليا ڀٽ سميت ٻين پڻ سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.