تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اکين جي نور کان محروم پاڪستان ڄائي برطانوي ناري جي شو ۾ شرڪت، گاني دليون کٽي ورتيون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اکين جي نور کان محروم 14 سالن جي پاڪستاني ڄائي برطانوي ناري سيرين جهانگير برطانوي شو بريٽين گاٽ تيلينٽ ۾ پنهنجي بهترين آواز سان ججز ۽ ناظرين کي حيران ڪري ڇڏيو. سيرين جهانگير ان دروان برطانوي ڳائڻي گيبريل اپلن جو گانو “سيلويشن” ڳايو سندس گاني کي بي حد پسند ڪيو ويو ۽ ناظرين ۾ ويٺل سندس ننڍو ڀاءُ لڙڪ لاڙي ويٺو. سيرين ان دوران ججز کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته 5 سالن جي عمر ۾ کيس اکين جي روشني سان مسئلو پيش آيو. سيريزن موجب سندس کاٻي پاسي واري اک جي روشني ختم ٿي وئي هئي ۽ پوءِ وري ٻي اک جي روشني به ختم ٿي وئي. هنن وڏيون ڪوششون ڪيون پر ڪو فائدو نه پيو. سيرين جي پيءُ ڪفيل موجب اسان هر ڪوشش ڪئي ڀارت ۾ 6 هفتا علاج لاءِ وياسين اکين ۾ ٽيڪا به لڳا ڪجهه نه ٿي سگهيو، 9 سالن جي عمر ۾ سيرين آءِ پيڊ تي هڪ گيم کيڏي رهي هئي ۽ هو چهري جي ويجهو ڪري کيڏندي هئي. هو اوچتو مون ڏانهن آئي ۽ چيو ته مان وڌيڪ نٿي کيڏي سگهان. ان وقت مون کي سمجهه ۾ آيو ته هي اکين جي نور کان محروم ٿي وئي آهي. شو دوران سيرين ججز کي ٻڌايو ته هڪ وقت هو جڏهن مان ڏسي سگهندي هيس ۽ هاڻي نٿي ڏسي سگهان پر شايد موسيقي ئي هاڻي منهنجي بينائي بڻجي چڪي آهي. موسيقي ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. پرفارمينس کانپوءِ چئني ججز سيرين جهانگير جي گاني کي پسند ڪيو جڏهن ته شو ۾ موجود ماڻهو به جذباتي ٿي ويا.

Bookmark the permalink.