تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اڄوڪا فنڪارن سکڻ بجاءِ ڪاپي کي ترجيع ڏين ٿا: استاد خيرل فقير ميراڻي

چڪ: ڪوهياري، ڪلياڻ، ڪيڏارو، سر رامڪلي ۽ راڻي جون فرمائشون ٿينديون هيون پر هاڻي نه اهو راڳ ٿو ڳائجي نه وري ان راڳ جا ڪي ٻڌندڙ بچيا آهن اگر آهن به انهن جو حلقو تمام گهٽ آهي. چڪ واسي هڪ ٻي فنڪار استاد خيرل فقير ميراڻي چيو ته اڄوڪا فنڪارن سکڻ بجاءِ ڪاپي کي ترجيع ڏين ٿا انهن کي راڳ جي سرن جو پتو ئي ناهي هوندو ۽ بس الو ميان شروع ٿا ڪن انهن کي غزل سميت راڳ جي سرن جي به خبر ناهي. فنڪارن جي فن کان پاسيرو ٿيڻ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنڪارن جي وارثي نه پئي ٿئي انڪري ماڻهو اڳ جي ڀيٽ ۾ راڳ ۽ موسيقي واري پاسي گهٽ پيا اچن ايندڙ وقت ۾ سنڌي راڳ جي حوالي سان خطرناڪ صورتحال نظر اچي پئي سنڌي سرڪار توڙي سنڌ جي گهڻ گهرن کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو.

Bookmark the permalink.