تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اڃان شادي جي طلب ناهي، جڏهن ٿي ته ڪري وٺنديس: عائشه عمر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪارا عائشه عمر چيو آهي ته اڃان کيس شادي جي طلب ناهي ۽ جڏهن کيس ضرورت ٿيندي ته هو ضرور شادي ڪندي. ناشپاتي پرائم وڊيو جي ٽاڪ شو ۾ ميزبان تابش هاشمي سان ڳالهائيندي عائشه عمر شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مزاحيه انداز ۾ چيو ته هي رڳو اسان جي سماج جي سوچ آهي ته شادي زندگي کي سنواري ٿي پر حقيقت ۾ شادي ته زندگي ختم ڪري ڇڏي ٿي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب عائشه عمر جو چوڻ هو ته کيس شادي جي تقريبن ۾ وڃڻ سان ڪو مسئلو ناهي جڏهن به ڪو کيس دعوت ڏيندو هو ضرور ويندي ۽ جڏهن کيس ضرورت پوندي ته هو به شادي ڪري وٺندي ۽ سڀني کي گهرائيندي پر هن وقت کيس ان جي طلب ناهي. اداڪارا معاملي تي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته کيس خبر ناهي ته سندس شادي ڪڏهن ٿيندي ۽ ان حوالي سان خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو پر في الحال سندس ڪو ارادو ناهي. اداڪارا موجب ماڻهو اصل ۾ ان لاءِ شادي ڪن ٿا ڇو ته کين ٻار گهرجن ٿا ۽ کين ڪٽنب کي اڳتي وڌائڻو هوندو آهي پر جيئن ته اڃان مان پاڻ ٻار آهيان ته منهنجو اهڙو ڪو ارادو ناهي.اداڪارا انٽرويو دوران پنهنجي ڪيريئر ۽ پنهنجي حوالي سان سامهون آيل تڪرارن تي به ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته ماضي ۾ ٿائي لينڊ جي دوري دوران سندس ۽ اداڪارا ماريا واسطي جي ذاتي تصويرن کي ماريا واسطي جي ليپ ٽاپ مان چوري ڪري ليڪ ڪيو ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه ماريا جي اڳوڻن ملازمن کانئس پلاند وٺڻ لاءِ ڪيو هو. پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ جنسي هراساني جي معاملي تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هيل تائين هو پاڻ کي ايترو بهادر نٿي سمجهي ته هو انهن ماڻهن جا نالا وٺي گسهي جن ڪڏهن ساڻس اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪيو هو.

Bookmark the permalink.