تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ايمان علي جي ڊانس وڊيو وائرل، صارفين جي تنقيد ۽ حمايت

اداڪارا ڪوئين گاني تي ڊانس ڪئي، وڊيو وائرل ٿيڻ تي صارفين مٿس تنقيد ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي هر دل عزيز اداڪارا ايمان علي جي سوشل ميڊيا تي ڊانس وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ايمان علي جي سوشل ميڊيا تي ڊانس جي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ڀارتي گاني ڪوئين تي ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي. وڊيو مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن هو ڪنهن شادي تقريب ۾ موجود آهي ۽ پاڪستاني ڪوريو گرافر گوهر حيات ساڻس گڏ ڊانس ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ جتي مٿس عوام طرفان تنقيد ڪئي پئي وڃي اتي سندس مداح سندس ساٿ ڏئي رهيا آهن ۽ سندس حق ۾ ڳالهائي رهيا آهن. انسٽاگرام تي وائرل ٿيل وڊيو تي هڪ انسٽاگرام صارف طرفان ايمان علي کي صلاح ڏني وئي آهي ته پنهنجي نالي جي لڄ رکو، جڏهن ته هڪ صارف مٿس ڊسٽينسنگ نه هجڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو.

Bookmark the permalink.