تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ايسراپاڪستان۾جيون ساٿي ڳولي ورتو؟مان ته تيارئي نه هيس:احمد علي بٽ

پاڪستان ۾ پنهنجو نمبر ون ڳولي ورتو آهي: ترڪش اداڪارا ايسرا بلجڪ جو ٽوئيٽ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي ڪاميڊين اداڪار احمد علي بٽ ترڪ اداڪارا ايسرا بلجڪ جي ٽوئيٽ تي تصوراتي طور تي پنهنجي لاءِ سمجهندي مزاحيه رد عمل ڏنو آهي. ٿيو ائين جو گذريل ڏينهن جڳ مشهور ترڪ سيريز ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جو ڪردار ادا ڪندڙ ايسرا بلجڪ پاڪستانين لاءِ انوکو پيغام شيئر ڪيو. ايسرا پنهنجي مختصر پيغام ۾ لکيو هو ته هن پاڪستان ۾ پنهنجو نمبر ون ڳولي ورتو آهي. ٽوئٽ ۾ اهو واضح ناهي ته هو ڪنهن کي نمبر ون قرار ڏئي رهي آهي. اداڪارا طرفان ڪا وضاحت ناهي ڏني وئي پر سوشل ميڊيا صارفين اهڙي ٽوئيٽ تي ڳڻتي ۾ آهن ته نيٺ هو ڪنهن کي نمبر ون قرار ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مختلف اندازا به لڳائي رهيا آهن. ان ڏس ۾ احمد علي بٽ به تبصرن ۾ حصو ورتو ۽ مزاحيه پيغام شيئر ڪيو جنهن تي صارفين به مرڪي پيا. احمد علي بٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري شيئر ڪندي لکيو ته مان ته اهڙي ڪنهن ڳالهه لاءِ تيار ئي نه هيس، نيٺ اسرا مون کي ڳولي ورتو. هن ايسرا جو ٽوئيٽ به پنهنجي اسٽوري ۾ شيئر ڪيو جيئن صارفين کي ان بابت آگاهه ڪري سگهي. سوشل ميڊيا تي ايسرا جي ٽوئيٽ وارو موضوع ٽاپ تي آهي ۽ هن ٽوئيٽ فنڪار برادري جو به ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. پاڪستاني شوقين مختلف اندازا لڳائي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ هن ڪنهن کي نمبر ون قرار ڏنو آهي.

پهريان اسان جو ڪم ۽ هاڻي اسان جو نوجوان کڻي وئي: ياسر حسين

ڪراچي: ايسرا جي ٽوئيٽ تي ياسر حسين به پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. ياسر حسين انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري ۾ ايسرا جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي طنزيه انداز ۾ لکيو ته پهريان اسان جو ڪم ورتو ۽ هاڻي اسان جا نوجوان؟ واضح رهي ته هن وقت سمورو پاڪستان ترڪش سيريز ارطغرل غازي جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي ۽ اداڪار ۽ ميزبان ياسر حسين کي ترڪي جو ڊرامو ۽ ان جا اداڪارا ٽڪو نٿا وڻن ۽ هو مختلف وقتن ۾ مخالفت ڪري ٿو.

Bookmark the permalink.