تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اميتاڀ بچن به ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

ميگا اسٽار جي 23 ڏينهن کانپوءِ ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اميتاڀ بچن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي. 77 ورهين جو اميتاڀ بچن 11 جولاءِ تي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ ممبئي جي ناناوتي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ميگا اسٽار جي 23 ڏينهن کانپوءِ ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال کان گهر نيو ويو آهي. اميتاڀ بچن ٽوئيٽ ذريعي مداحن کي صحتيابيءَ جي خوشخبري ٻڌائي ۽ گڏوگڏ هن طبي عملي جا پڻ ٿورا مڃيا. واضح رهي ته بچن خاندان مان رڳو اداڪارا جيا بچن جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي هئي، ايشوريا راءِ ۽ سندس ڌيءُ اراڌيا بچن به ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويون آهن پر اڀيشيڪ بچن اڃا تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

Bookmark the permalink.