تازا ترين
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *
  • *ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس: آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت *آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي: وڪيل جي احتساب عدالت کي آگاهي* احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو * آصف زرداري سوڌو 14 جوابدار 4 آگسٽ تي طلب، نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت *
  • *ميرپورخاص: رحيم نگر مان مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گھران نڪتل ناري ٿاڻي تي پهچي وئي *19ورھين جي ناري راڻي لاگھاڻي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي پھچي وئي *مڙس سان ھاڻي گڏي رھڻ نٿي چاھيان: ناري راڻي لاگهاڻي *ناري جي مڙس جي چاچي نبي بخش لاگھاڻي ناري جي گم ٿيڻ بابت ٿاڻي تي درخواست ڏني ھئي *
  • *قبوسعيدخان وجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي *ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهداڪوٽ اسپتال منتقل*

امان الله جي لاڏاڻي تي شوبز شخصيتن پاران تعزيت

امان الله جو لاڏاڻو هڪ دور جي پڄاڻي آهي: فهد مصطفيٰ

ڪراچي (شوبز نيوز) اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم جي مشهور ڪاميڊين امان الله جي لاڏاڻي تي شوبز شخصيتن سوشل ميڊيا تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪاميڊين امان الله ڊگهي وقت کان گردن ۽ ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا هو جيڪو گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. اداڪار همايون سعيد ٽوئيٽ ڪيو ته امان الله صاحب هڪ ليجنڊ ۽ ڪاميڊي جو بادشاهه هو، علي ظفر سندس تصوير شيئر ڪندي لکيوته هي اهو انسان آهي جنهن ڪيترائي سال فن ذريعي اوهان کي کلايو. ان کانسواءِ منيبا مزاري، رميز راجا، شاداب خان به ڏک جو اظهار ڪيو. فهد مصطفيٰ لکيو ته امان الله جو وڃڻ هڪ دور جي پڄاڻي آهي.

Bookmark the permalink.