تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

الله چاهي ٿو ته اسان کانئس دعا گهرون: حرا ماني

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا حرا ماني جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ چاهي ٿو ته اسان هن ڏکئي وقت ۾ کانئس دعا گهرون. اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن کي موجوده صورتحال جي حوالي سان پيغام ڏيندي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ حرا ماني چيو ته الله تعاليٰ چاهي ٿو ته اسان کي بهتر حالتن لاءِ کانئس دعا گهرون، پنهنجي دعائن ۾ خدا کان چڱائي جي طلب ۽ برائي کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪريو. اداڪارا مستحق ماڻهن جي مدد جي حوالي سان چيو ته الله تعاليٰ جي بندن جي مدد ڪريو ۽ پنهنجو اخلاق سٺو ڪريو ته اوهان جو رب ۽ ان جا بندا اوهان کي پسند ڪن.

Bookmark the permalink.