تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اقرا پاران تصويرون شيئر ڪري مڙس لاءِ محبت جو اظهار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا اقرا عزيز حسين چيو آهي ته کيس ياسر جي زال هجڻ تي فخر آهي. تازو اقرا عزيز پنهنجي مڙس ياسر حسين سان گڏ نئين فوٽو شوٽ جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون ۽ هميشه جيان انهن تصويرن ۾ به پاڪستان شوبز انڊسٽري جي هي مشهور جوڙي سهڻي لڳي رهي آهي. تصوير بابت اقرا عزيز چيو ته مان ياسر جي زال هجڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿي. ياسر حسين سندس پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته مان صدقي وڄان ۽ اسان سان سڙندڙن جو چهرو واڱڻائي ٿي وڃي. اداڪارا ياسر سان ورتل ٻي تصوير به شيئر ڪئي. هن لکيو ته ياسر جي ڪري ئي محبت تي يقين آهي.

مان رڳو اوهان جي ڪري محبت تي يقين ڪرڻ سکيو آهي ۽ اوهان جي اها محبت منهنجا سڀ ڊپ ختم ڪري ڇڏيندي آهي.

Bookmark the permalink.