تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اقرا جون لاڪ ڊائون ۾ مصروفيتون، گهر کي رنگ ڪرڻ لڳي

اداڪارا انسٽاگرام تي گهر جي ڀت کي رنگ جي وڊيو جاري ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا اقرا عزيز ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران نئين مصروفيت ڳولي ورتي. اداڪارا اقرا عزيز پنهنجي مڙس ۽ اداڪار ياسر حسين سان سوشل ميڊيا تي نوان تجربا ڪندي نظر اچي ٿي. هن ڀيري اداڪارا ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران نئين مصروفيت ڳولي ورتي آهي. اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي گهر جي هڪ ڀت تي رنگ ڪري رهي آهي. اداڪارا لکيو ته هن سموري ڀت تي مان پاڻ رنگ ڪيو آهي جنهن ۾ منهنجي مڙس به منهنجي مدد ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.