تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اطهر شاهه جي لاڏاڻي تي فنڪار ڏکويل، جيدي جو لاڏاڻو فن جي دنيا ۾ خال قرار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هڪ ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويل فن جي دنيا جي مشهور ستاري اطهر شاهه خان عرف جيدي جي موت سبب فنڪارن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. مشهور فن ڪار جيدي جي لاڏاڻي تي سندس مداحن جو وڏو انگ ڏکايل آهي ۽ سندس ساٿي فنڪارن کي به جيدي جي موت ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. مشهور ميزبان ۽ اداڪار فهد مصطفيٰ، فيصل قريشي، سينيئر اداڪارا ثمينا پيرزادا ۽ ياسر حسين سميت ٻين فنڪارن پنهنجن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي تعزيتي پيغام شيئر ڪيا. فنڪارن جو چوڻ آهي ته جيدي جي لاڏاڻي سان فن جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو جنهن کي پورو ڪرڻ ڏکيو هوندو. اداڪار فهد مصطفيٰ جيدي جي لاڏاڻي تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته کيس اطهر شاهه خان عرف جيدي سان ڪم ڪرڻ جو اعزاز هاصل آهي، ساڻس گڏ ڪم ڪري خوشي ٿي هئي. هن لکيو ته 2020ع کان نفرت ٿي وئي آهي ڇو ته هي بدترين سال ثابت ٿي رهيو آهي. اداڪار فيصل قريشي جيدي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هزارين چهرن تي مرڪون وکيريندڙ جيدي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو. سينيئر اداڪارا ثمينا پيرزادا پنهنجي پيغام ۾ جيدي جي مزاح سان ڀرپور ڪم تي سندس ٿورا مڃيا. ياسر حسين به جيدي جون تصويرون شيئر ڪري پيغام لکيو.

Bookmark the permalink.