تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

اشو آف دي ڊي

جهاز حادثو: فوتي پائليٽ تي الزام هڻي حڪمران ذميواري کان ڀڄي ويا
سوشل ميڊيا تي ڪراچي جهاز حادثي جي رپورٽ سميت مختلف معاملن تي بحث جاري رهيو، ان حوالي سان پي ڪي 8303 ٽرينڊ ۾ عبدالرحمان ٽوانا چيو ته پي آءِ اي 150 پائلٽن کي گرائونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن جون ڊگريون جعلي آهن تصور ڪيو ته انهن مان هر پائليٽ جهاز اڏائي ۽ هر جهاز ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هجن ته انهن جي حياتين جو ڇا ٿيندو؟ نوازشريف ۽ آصف زرداري جي 10 سالن اسان کي اهو نقصان رسايو آهي. تجزيا نگار بينظير شاهه چيو ته هوابازي جو وزير غلام سرور خان ٻڌايو آهي ته پائليٽ خوش فهمي جو شڪار هو، سندس سڄو ڌيان ڪورونا وائرس ڏانهن جو جو سندس خاندان جا ڪجهه ڀاتي وائرس جو شڪار ٿي چڪا هئا، ان جي جواب ۾ پ پ جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته مهرباني ڪري وزير صاحب ائين نه ڪريو، ڪو به پائليٽ لينڊنگ گيئر کولڻ نه ٿو وساري سگهي پوءِ چاهي هو ڪورونا وائرس کان پريشان ڇو نه هجي. آمريڪا جي هڪ وڊيو ۾ لينڊنگ گيئر کلڻ جو آواز ٻڌو ويو آهي ڇا اهو پهريون ڀيرو ٿيو هو. ايئربس، پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي لاءِ فوتي پائليٽ تي الزام هڻي پاڻ کي بچائڻ آسان آهي. ان کانسواءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جهاز حادثن جي رپورٽ، پشاور ۾ پوليس جي بربريت، بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب ۽ بيا معاملا ڇانيل رهيا. ٽاپ ٽين ٽرينڊ ۾ جسٽس فار عامر، مور پاور ٽو بي بي زيڊ، پي ڪي 8303، رليز آل اسٽوڊنٽس، ڪووڊ 19، ڪوئيٽا، جونگڊائي، پالپا، هوبي ۽ عمر شامل آهن. هش ٽيگ جسٽس فار عامر ٽرينڊ ۾ منظور پشتين، افراسياب خٽڪ، محمد طارق خان، وقار احمد خان ۽ ٻين پوليس پاران ڪپڙا لاهي تذليل ڪيل عامر تهڪال سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو. مور پاور ٽو بي بي زيڊ ٽرينڊ ۾ بلاول جي قومي اسيمبلي ۾ خطاب کي ساراهيو ويو، پ پ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خاص طور تي پارٽي چيئرمين جي حمايت ڪئي جڏهن ته ڪجهه ٽوئيٽس سندس مخالفت ۾ به آيون. معاذ رحمان عمراڻي، حسن شاهه، عمران ٻٻر، معرفت بلوچ، عتيق سومرو، ساجد چانڊيو، مير آريسر، انجنيئر الله بخش لولائي، عباس علي بلوچ، آغا جميل بوزدار، منظور پليجو، گلشن سرگاڻي، مير نادر علي زرداري، سنجي سامي، محمد صادق جکراڻي، نجيب ملڪ، قمر مڱريو ۽ ٻين بلاول جا فوٽو شيئر ڪيا.

Bookmark the permalink.