تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشنا شاهه ۽ ڳائڻي حديقه ڪياني ۾ تڪرار، اشنا شاهه غلطي مڃي ورتي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه ۽ ڳائڻي حديقه ڪياني وچ ۾ موسيقي جي شعبي ۾ عورت ڳائڻين جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تڪرار ٿي پيو. اهڙي تڪرار جي شروعات ائين ٿي جو اداڪارا اشنا شاهه طرفان موسيقي جي شعبي ۾ ڳائڻين بابت هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو. اشنا شاهه ٽوئيٽ ۾ چيو ته موسيقي جي شعبي ۾ رڳو آئمه بيگ ۽ قرت العين بلوچ ئي بهترين ڳائڻيون آهن. اداڪارا جي ٽوئيٽ تي سوشل ميڊيا تي تبصرا ڪيا ويا ته هو ملڪ جي مشهور ڳائڻين کي ڪيئن وساري سگهي ٿي جنهن کانپوءِ ڳائڻي حديقه ڪياني به اشنا شاهه جي ٽوئيٽ جو جواب ڏنو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب حديقه ڪياني پاڪستان جي موسيقي جي شعبي سان واڳيل ڳائڻين جي هڪ لسٽ جاري ڪئي جنهن ۾ تقريبن 40 عورتن جا نالا شامل هئا. حديقه ڪياني پنهنجي لسٽ ۾ عابده پروين، مومنه مستحسن، فريده خانم، زوئي وڪاجي، ڪومل رضوي ۽ ٻين ڳائڻين جا نالا لکيا. ان کانسواءِ حديقه ڪياني پنهنجي پسنديده ڳائڻين جي هڪ ڌار لسٽ به شيئر ڪئي ۽ گڏوگڏ هڪ نوٽ لکيو ته موسيقي جي شعبي ۾ عورتن جي خدمتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. حديقه ڪياني جي اهڙي جواب کانپوءِ اداڪارا اشنا شاهه ڳائڻي کان معذرت ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو ٽوئيٽ به ڊيليٽ ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.