تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اشنا شاهه جانورن کي تڪليف پهچائيندڙن تي ڪاوڙيل

اداڪارا ڳئون کي ڪرين ذريعي ڇت تان لاهڻ واري واقعي جو ذڪر ڪيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا اشنا شاهه جانورن کي تڪليف پهچائڻ وارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. اشنا شاهه عيد جي پهرئين ڏينهن سرجاني ٽائون ۾ ڳئون کي ڪرين ذريعي گهر جي ڇت تان هيٺ لاهن دوران پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن لکيو ته هڪ وڊيو ڏٺي آهي جنهن ۾ اوچائي تان ڳئون کي ڪرين ذريعي زمين تي لاٿو پيو وڃي ان دوران ڳئون ڪرين مان زمين تي ڪري زخمي ٿي آهي. هن سوال ڪيو ته هي قرباني آهي؟ ڇا اهڙو ظلم ڪرڻ وارن کي جيل ۾ نه موڪلجي. ماڻهن سان نيٺ مسئلو ڪهڙو آهي.

Bookmark the permalink.