تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسڪرين تان غائب بالي ووڊ جون 8 اداڪارائون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ تقريبن هر سال نوان اداڪارا ۽ اداڪارائون سماهون اينديون رهن ٿيون جن ۾ ڪجهه ڪامياب، ڪجهه ناڪام ۽ ڪجهه وري سپر اسٽار بڻجي وڃن ٿا، پر ڪجهه اهڙا به هوندا آهن جن جي شروعات ته سٺي ٿئي ٿي پر اڳتي وڃي اوچتو گم ٿي وڃن ٿا بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان سان تيري نام ذريعي ڊيبيو ڪندڙ ڀوميڪا چاولا راتورات اسٽار بڻجي وئي پر بدقسمتي سان ڀوميڪا ٻيهر جوهر ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي فلم کانپوءِ سندس شادي ٿي وئي ۽ هن بالي ووڊ کان پاسو ڪري ورتو، اداڪار عامر خان جي بلاڪ بسٽر فلم لگان ۾ گوري جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ڪريسي سنگهه فلم ذريعي شهرت ماڻي ۽ پوءِ منا ڀائي ايم بي بي ايس ۾ ويتر مشهور ٿي وئي بدقسمتي سان سندس ٽئين فلم ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ پوءِ اداڪارا ناڪامي کانپوءِ ٻيهر نظر نه آئي ،ماهيما پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات سپر هٽ فلم پرديس سان ڪئي هو پنهنجي ڪارڪردگي سان مداحن جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب رهي هن ڪيترين ئي فلمن ۾ جوهر ڏيکاريا پر خوفناڪ ڪار حادثي سندس ڪيريئر تباهه ڪري ڇڏيو ۽ منظر عام تان غائب ٿي وئي، سپر ماڊل ڊيانا پنهنجي پرڪشش شخصيت ۽ اداڪاري سبب اسٽار بڻجي وئي هئي ۽ ڪاڪ ٽيل جي ڪاميابي کيس مشهور ڪري ڇڏيو هو پر اميد هئي ته هو مستقبل ۾ به اڳتي وڌندي پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ هيل تائين منظر تان غائب آهي اميشا پٽيل فلم ڪهو نا پيار هي جهڙي بلاڪ بسٽر فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ ٿرٿلو مچايو ۽ پوءِ غدر جهڙي هٽ فلم ڏني ۽ ايوارڊز ماڻيا پر هاڻي هو پردي تان گم ٿي چڪي آهي ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهي آهي ڀاگيه شري پنهنجي ڊيبيو فلم مين ني پيار ڪيا ذريعي اسٽار بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو ۽ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته هو بالي ووڊ تي ڊگهو وقت راڄ ڪندي پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ ناڪام فلمن سبب هو هميشه لاءِ بالي ووڊ مان غائب ٿي وئي فلم تم بن ۾ هن اداڪار جي پرفارمينس ڪمال هئي، هن اسٽائلش هيروئن وٽ سڀ ڪجهه هو جيڪو بالي ووڊ ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري هو پر پوءِ هو به اوچتو اڻ ڄاتلن سببن جي ڪري بالي ووڊ مان غائب ٿي وئي ساين اکين واري هي سندري بالي ووڊ ۾ پنهنجي فلم قصور ذريعي مشهور ٿي، اڀرندڙ اداڪارا فلم واٽر ۾ به نظر آئي پر پوءِ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ گم آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي جلد ڪنهن فلم ۾ نظر ايندي

Bookmark the permalink.