تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اسپتالن ۾ بيڊز جي کوٽ، شڪايت بدران احتياط ڪريو: صنم سعيد

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صنم سعيد ڪراچي جي انڊس ۽ آعا خان اسپتال ۾ ڪورونا وارڊ مريضن سان ڀرجڻ جي صورتحال تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ماڻهو ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ٺاهيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي سلسلي وار ٽوئيٽس ۾ اداڪارا ڄاڻايل اسپتالن ۾ انتظاميا طرفان ڪورونا جا وڌيڪ مريض داخل ڪرڻ کان معذرت جي نوٽس جون تصويرون شيئر ڪيون. اداڪارا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته انڊس اسپتال ۽ آغا خان اسپتال ڪورونا جي وڌيڪ مريضن کي داخل ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي. ٻنهي اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 جي مريضن جي علاج لاءِ جاءِ ۽ سهولتون ختم ٿي چڪيون آهن. هن لکيو ته عوام اسپتالن ۾ جاءِ جي شڪايت ڪرڻ بدران اڳ ئي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ سبب اسپتالن ۾ مريضن لاءِ مختص بستر، آ3 سي يو ۽ ايچ ڊي يو ۾ بستر ناياب ٿي ويا آهن. انڊس اسپتال ڪورونا جا وڌيڪ مريض وٺڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسپتال ٻاهران باقاعده طور تي بينر به لڳايا ويا آهن. انتظاميا طرفان مريضن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسپتال جو ڪووڊ 19 وارڊ مڪمل طور تي ڀرجي چڪو آهي. ترجمان موجب رڳو علامتون ظاهر ٿيندڙ مريضن جي ٽيسٽ ۽ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ داخل ڪيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.