تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اسرا بلجڪ جو پريانڪا تي تنقيد ڪرڻ وارو ٽوئيٽ وائرل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڊرامي “ارطغرل غازي” جي مک اداڪارا اسرا بلجڪ جو هڪ ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي جنگ جي حمايت ڪرڻ تي جواب ڏئي رهي آهي. اداڪارا پريانڪا چوپڙا ڀارت طرفان پاڪستان ۾ ڪوڙي سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ جي ساراهه ڪندي جنگ جي حمايت ڪئي هئي جنهن تي پاڪستانين طرفان پريانڪا خلاف رد عمل ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو، پريانڪا جي حرڪتن تي پاڪستانين کيس تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ انهن ۾ ارطغرل غازي جي اداڪارا اسرا بلجڪ به شامل هئي جنهن پريانڪا کي انسانيت جو سبق سيکاريندي چيو هو ته محب وطن هجڻ جو اهو مطلب ناهي ته اوهان جنگ کي هٿي ڏيو، گڏيل قومن جي خيرسگالي سفير هجڻ جي حيثيت سان اوهان کي جنگ جهڙن موضوعن تي نه ڳالهائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.