تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

“ اسان معجزي جا منتظر آهيون” : آمنا الياس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن حادثي جو شڪار ٿيل پي آءِ اي جي بدقسمت جهاز ۾ پاڪستاني فيشن انڊسٽري جي سپر اسٽار ماڊل رازا عابد به موجود هئي، جنهن جي وڇوڙي شوبز ستارن کي وڏو صدمو پهچايو آهي. پي آءِ اي جي تباهه ٿيل اڏام ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 7 ميمبر شامل هئا، جڏهن ته هيل تائين حادثي ۾ 97 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. ريسڪيو اختيارين طرفان سڄي رات لاش ڪڍڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ 97 لاش ڪڍيا ويا آهن، جن مان رڳو 16 جي سڃاڻپ ناهي آهي، باقي 50 لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. قومي ايئر لائن جي ان بدنصيب جهاز ۾ پاڪستاني فيشن انڊسٽري جي مشهور ۽ من موهڻي ماڊل زارا عابد به موجود هئي، جيڪا هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهي. زارا جي لاڏاڻي تي شوبز ستارن کي سخت صدمو رسيو آهي ۽ ماڊل جا ويجها دوست سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن. عبير پنهنجي ويجهي دوست زارا عابد سان گڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تو مون کي ٽوڙي ڇڏيو، ان تي مٿيرا ڪمينٽ ڪيو ته ”ڪاش ڪو معجزو ٿئي ها ۽ اهي زارا کي ڳولي وٺن ها“. فوتي ماڊل جي ويجهي دوست ۽ اسٽائلسٽ /ڏسو صفحو 6 بقايا 41
کوجي به ڪمينٽ ڪيو ته ”الله اسان معجزي جو انتظار ڪري رهيا آهيون“. فيشن انڊسٽري جي ناليواري شخصيت فريحا الطاف ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته ”زارا عابد شوٽ جي سلسلي ۾ لاهور آئي هئي ۽ ان ئي دوران سندس چاچو لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سبب هن کي لاهور مان واپس وڃڻو پيو، زارا جو اهڙي ريت وڇوڙو فيشن انڊسٽري لاءِ هڪ وڏو خال آهي“. مشهور ڊزائينر نومي انصاري به هڪ ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن ماڊل زارا عابد سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”گذريل رمضان ۾ هن ئي ڏينهن اسان گڏ افطاري ڪئي هئي، هي وڏو تڪليف ڏيندڙ لمحو آهي“. پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي مشهور ترين ماڊل آمنا الياس به ساٿي ماڊل زارا عابد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”منهنجي ساٿي، مان جنهن کي ڏاڍو پسند ڪندي هيس، هڪ خوبصورت ڇوڪري، مان جڏهن ته ان سان مليس ته هوءَ مسڪرائي ڀاڪُر پائيندي هئي“. ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس وڌيڪ لکيو ته “معجزي جا منتظر آهيون“.

Bookmark the permalink.