تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

“ارطغرل غازي” کي پي ٽي وي خريد ناهي ڪيو: ڊاڪٽر شهباز گل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي رابطن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي وي تي نشر ٿيل ترڪي جي ڊرامي کي پيسن سان ناهي خريد ڪيو ويو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته ترڪ ڊرامي کي خريد ناهي ڪيو ويو پر ترڪي ڄاڻايل ڊرامي کي تحفي طور پاڪستان کي ڏنو ويو. ڊاڪٽر شهباز گل اداڪارا ثانيا سعيد کي ڏنل انٽرويو جون تصويرون شيئر ڪيون. هن لکيو ته ڳالهه ڪرڻ کان اڳ تحقيق ضروري آهي ۽ اهو ته آرٽ ۽ ڪلچر جي ماڻهن جي دل کليل هجڻ گهرجي. هن لکيو ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ ڀارتي مواد هو پر شڪر آهي هاڻي بهتر مواد آيو. واضح رهي ته ترڪي جي جڳ مشهور ڊرامي دريليش ارطغرل کي اردو ۾ ڊب ڪري ارطغرل غازي جي نالي سان پي ٽي وي تي نشر ڪيو پيو وڃي جنهن کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.

Bookmark the permalink.