تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ارطغرل غازي پاڻ به پاڪستان اچڻ جو خواهشمند

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان مان مليل محبت کانپوءِ ارطغرل غازي جي مک اداڪارا ۽ ڊرامي ۾ ارطغرل غازي جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار انجين التان دوزيتان جي زال جو ڪردار ادا ڪندڙ اسرا بليگيج پاڪستان اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو. ان کانپوءِ جاويد چتين گونر ۽ اصلحان خاتون جو ڪردار ادا ڪندڙ گلثوم علي به پاڪستان اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ هاڻي ڊرامي جي مک هيرو ارطغرل غازي به پاڪستان اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڊرامي کي پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ ڀيرا ڏسڻ جي خوشخبري شيئر ڪندي پاڪستاني مداحن لاءِ محبت جو اظهار ڪيو. هن لکيو ته اميد آهي ته پاڪستان ضرور ايندس.

Bookmark the permalink.