تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ارطغرل غازي هڪ زبردست ترڪ سيريز آهي: منيب بٽ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار منيب بٽ جڳ مشهور ترڪ سيريز ارطغرل غازي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ارطغرل غازي هڪ زبردست ترڪ سيريز آهي. تازو منيب بٽ پنهنجي يوٽيوب چينل تي پنهنجي هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ اداڪار ترڪ سيريز ارطغرل غازي جي ڪهاڻي، پراڊڪشن ۽ ڪردارن جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊيا. ان حوالي سان منيب بٽ چيو ته مان ارطغرل ڏٺو ۽ هڪ اداڪار هجڻ جي حيثيت سان مان اهو چوڻ چاهيندس ته ارطغرل غازي جي پراڊڪشن زبردست آهي ۽ جهڙي ريت هنن ڪردار ٺاهيا آهن اهو سڀ کان اعليٰ آهي. منيب بٽ ارطغرل غازي کي اردو ٻولي ۾ ڊب ڪري سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪرڻ تي تنقيد ڪرڻ وارن فنڪارن جي حوالي سان چيو ته منهنجا ڪجهه ساٿي اداڪار چون ٿا ته عالمي مواد بدران مقامي مواد نشر ڪيو وڃي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ارطغرل غازي جي حمايت ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.