تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ارطغرل غازي جي پروڊيوسر کي پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مختلف ٻولين ۾ ڊب ڪري نشر ڪيل جڳ مشهور ترڪش ڊرامو “ارطغرل غزي“ پاڪستان ۾ ڪاميابي جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آهي. هي ترڪش ڊرامو پاڪستان ۾ ترڪي کان به وڌيڪ مشهور ٿيو آهي ۽ ڊرامي جي پروڊيوسر پاڪستاني فنڪارن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ترڪ ميڊيا موجب ڊراما سيريل ارطغرل غازي جي پروڊيوسر ۽ رائٽر محمد بوزداغ جو چوڻ آهي هت مسلمانن کي رڳو سياست ۽ واپار ۾ ئي نه پر فن ثقافت ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته کيس حيرت آهي ته ٻنهي ملڪن جي دوستي باوجود اسان گڏجي ڪو پراجيڪٽ ناهي ڪيو. پروڊيوسر محمد بوزداغ جو چوڻ هو ته ڪنهن گڏيل پراجيڪٽس لاءِ ٻنهي ملڪن جي پروڊيوسرن ۽ فنڪارن کي گڏجڻ گهرجي ۽ نه رڳو فن پر ٻين شعبن جيئن کاڌ خورا، ميوزيم ۽ تاريخ ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊرامي جي مقبوليت جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته سندس هي پراجيڪٽ ڪنهن اولهه ڊرامي يا اسلام فوبيا جي رد عمل ۾ ناهي، هن ڊرامي کي ٺاهڻ جو مقصد مسلمانن جي فتحن جي تاريخ کي جيئرو رکڻ آهي. ارطغرل غازي جي پروڊيوسر وڌيڪ چيو ته مسلم دنيا ۾ تاج محل کان الحمرا تائين فن ۽ تاريخ اعليٰ ترين مثال قائم ڪيا آهن. اڄ اسان کي سموري دنيا کي اسلام جي خوبصورت آواز کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته هو روزانو 20 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو جڏهن ته هن وقت ڊرامي جي سيزن 6 “ڪورلش عثمان” جي شوٽنگ جاري آهي.

Bookmark the permalink.