تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ارطغرل غازي جو “ترگت” عيد تي پاڪستانين جو مهمان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پي ٽي وي تي هلندڙ سال اپريل ۾ نشر ٿيل ترڪ ڊرامي ديريليش ارطغرل جنهن کي اردو ۾ ترجمو ڪري ارطغرل غازي جي نالي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن مقبول ڊرامي جي ڪردار ترگت پاڪستاني مداحن لاءِ عيد جي موقعي تي خوشخبري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو عيد جي موقعي تي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي ۽ مشهور ميزبان وسيم بادامي سان لائيو وڊيو ڳالهه ٻولهه ڪندو. جڳ مشهور ترڪ ڊرامي ۾ ارطغرل غازي جي ويجهي ساٿي ترگت جو ڪردار ادا ڪندڙ 38 ورهين جو اداڪار جنگيز جوشقون جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وڊيو ۾ کيس شاهد آفريدي ۽ وسيم بادامي سان عيد جي موقعي تي لائيو وڊيو ڪرڻ جي حوالي سان اعلان ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.جنگيز جوشوقن جي مداحن جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو ۾ هن چيو ته هو عيد لاءِ پرجوش آهي ڇو ته هو اهڙي موقعي تي شاهد آفريدي ۽ وسيم بادامي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

Bookmark the permalink.