تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اداڪار ۽ ميزبان واسع چوڌري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪار ۽ ميزبان واسع چوڌري به موتمار ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو. واسع چوڌري ٽوئٽر پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته سندس ڪووڊ 19 جي ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي جنهن کانپوءِ هو آئيسوليشن ۾ آهي. واسع چوڌري چيو ته هن پنهنجي گهرڀاتين جي به ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي آهي ۽ الله جي شڪر سان سڀني جا نتيجا ناڪاري آيا آهن. سندس چوڻ هو ته جن سڀني سان مان رابطي ۾ رهيس انهن کي مان اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيئن هو به پنهنجي ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي وٺن يا ضرورت هجي ته پاڻ کي آئيسوليٽ ڪري وٺن. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز وڌي رهيا آهن جن ۾ ڪيترائي شوبز ستارا به شامل آهن. ان کان اڳ ٽي وي ميزبان ندا ياسر، اداڪار ياسر نواز، روبينا اشرف،سڪينا سمو ۽ عليزي شاهه سميت اداڪار نويد رضا ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. هوڏانهن شوبز فنڪار سوشل ميڊيا تي پوسٽس ذريعي آگاهي پڻ پکيڙي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ماڻهو گهرن ۾ رهن ۽ غير ضروري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن.

Bookmark the permalink.