تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اداڪار روپرٽ گرنٽ وٽ ڌيءُ جي پيدائش

نيو يارڪ (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور هالي ووڊ فلم “هيري پوٽر” ۾ ران ويزلي جو ڪردار نڀائيندڙ روپرٽ گرنٽ وٽ ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي. دي پيپل ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب هي خبر روپرٽ گرنٽ ۽ سندس گرل فرينڊ جيورجيا گروم جي ترجمان ميڊيا سان شيئرڪئي. پنهنجي بيان ۾ هن ٻڌايو ته روپرٽ ۽ جيورجيا پنهنجي مداحن کي اها خبر ٻڌائيندي بي حد خوشي محسوس ڪري رهيا آهن ته وٽن ڌيءُ جي پيدائش ٿي. اداڪار ۽ سندس گرل فرينڊ هيل تائين ڌيءُ جي تصوير مداحن سان شيئر ناهي ڪئي. خيال رهي ته اداڪار روپرٽ گرنٽ 2011ع ۾ برطانوي اداڪارا جيورجيا گروم سان لاڳاپا رکيا هئا.

Bookmark the permalink.