تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اداڪارن کانپوءِ حڪومتي شخصيتون به ارطغرل غازي تي ورهايل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي وزن تي اپريل جي پڄاڻي کان نشر ڪيل ترڪي جي مشهور ڊرامي ديريليش ارطغرل جنهن کي اردو ۾ ارطغرل غازي جي نالي سان هلايون پيو وڃي. ان تي جتي پاڪستان شوبز جي مختلف راءِ سامهون آئي هئي هاڻي حڪومتي شخصيتون به ترڪي جي ڊرامي تي ورهايل نظر اچن ٿيون. ڪجهه ڏينهن اڳ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ارطغرل غازي کي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته پرڏيهي ڊراما اسان جي مقامي انڊسٽري کي تباهه ڪري ڇڏيندا. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي وي ڪنهن به پرڏيهي ڊرامي تي فخر نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته ان جي ابتڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ۽ سينيٽ جي انفارميشن براڊڪاسٽنگ ۽ هيريٽيج جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد خان ترڪ ڊرامي جو حامي آهي. فيصل جاويد خان فواد چوڌري جي ٽوئيٽ کي شيئر ڪندي پي ٽي وي جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ارطغرل غازي جهڙا ڊراما اسان جي ڊراما انڊسٽري کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سندس چوڻ هو ته اسان کي اسلامي قدرن جي حوالي سان مواد کي نه رڳو نشر ڪرڻ گهرجي پر اهڙو مواد تيار ڪري ٻين ملڪن کي به فراهم ڪرڻ گهرجي، اهڙا منصوبا گڏيل هجڻ گهرجن.هن چيو ته اسان جي انڊسٽري ۾ اهڙي صلاحيت موجود آهي ۽ اسان ان جي مدد سان عالمي مارڪيٽ ۾ داخل ٿي سگهون ٿا. هن بنا نالو وٺڻ جي لکيو ته ڪاش اسان اهڙو رد عمل ڀارتي ڊرامن، فلمن ۽ گانن تي به ڏيون. ماڻهو گيم آف ٿرونز جي مشهوري ڪندا رهيا پر ارطغرل غازي تي تنقيد ڪري رهيا آهن جڏهن ته پي ٽي وي سٺيون انگريزي فلمون به نشر ڪري ٿو. فيصل جاويد خان جي ٽوئيٽس تي مشهور اداڪار ۽ لکڪ واسع چوڌري به تبصرا ڪيا ۽ هن سينيٽر کي ياد ڏيارو ته هن ڀارتي ڊرامن ۽ مواد کي نشر ڪرڻ تي به احتجاج ڪيو هو. هن لکيو ته هڪ ڏهاڪو اڳ ٽوئٽر نه هو تڏهن به ڊراما انڊسٽري جي ڪجهه ماڻهن ڀارتي مواد نشر ڪرڻ تي احتجاج ڪيو. هن ٻئي ٽوئيٽ تي تبصرو ڪندي سينيٽر جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ارطغرل غازي معياري ڊرامو آهي، مان پاڻ ڊرامي جون 200 قسطون ڏٺيون آهن پر مسئلو ڊرامي جو ناهي پر ان کي پي ٽي وي تي نشر ڪرڻ جو آهي،ڇو ته ان ۾ ڪجهه قانوني مسئلا به اچي وڃن ٿا.

Bookmark the permalink.