تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اداڪارا ۽ ڪاميڊين روبي انعم دل جي دوري سبب اسپتال داخل

لاهور (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪارا روبي انعم کي دل جو دورو پوڻ سبب کيس پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. چهرن تي مرڪون وکيريندڙ اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمن جي اداڪارا روبي انعم کي لاهور ۾ دل جو دورو پيو جنهن سبب کيس فوري طور تي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي آندو ويو. ڊاڪٽرن اداڪارا کي شروعاتي طور تي طبي امداد ۽ ٽيسٽ کانپوءِ آءِ سي يو ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اداڪارا روبي انعم جي مڙس ڳائڻي اظهر اقبال بٽ پرستارن کي روبي انعم لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.