تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اداڪارا يشما گل به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي نوجوان ۽ باصلاحيت اداڪارا يشما گل جي ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري اچي وئي آهي. ٽوئٽر تي يشما گل پنهنجن دوستن ۽ مداحن کي پنهنجي صحت جي حوالي سان آگاهه ڪندي لکيو ته 3 ڏينهن اڳ مون کي ڪورونا وائرس جون علامتون محسوس ٿيڻ لڳيون جنهن کانپوءِ مون ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو رٿيو ۽ نتيجا اچڻ تي پاڻ ئي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪالهه ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي پر مان ٺيڪ آهيان ۽ اڳ کان بهتر محسوس ڪري رهي آهيان. هن چيو ته اڳ مون سوچيو هو ته مان ڪورونا بابت ڪنهن کي نه ٻڌائينديس پر احساس ٿيو ته اهو غلط هوندو، سڀني کي هن بيماري بابت ٻڌائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.