تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اداڪارا وينا ملڪ پاران عمران خان جي واکاڻ

عمران خان صحيح چوي ٿو ته پاڪستاني قوم ذهين آهي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل وينا ملڪ وزيراعظم عمران خان جي دعويٰ کي درست قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ٺيڪ چئي رهيو آهي ته پاڪستاني قوم ذهين آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته اهو پاڪستان جيڪو پيسن سان وينٽيليٽرز خريد ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي منٿون ڪندو هو اتي اڄ پنهنجا وينٽيليٽرز تيار ڪيا پيا وڃن ۽ سريلنڪا وينٽيليٽرز خريد ڪرڻ جو آرڊر به ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ٺيڪ چوي ٿو ته هي قوم دنيا جي ذهين قوم آهي پر پهريان اسان کي ايماندار ليڊر نه مليا هئا. 

Bookmark the permalink.