تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اداڪارا ناديا جميل بريسٽ ڪينسر کي مات ڏئي ڇڏي، مداحن جي ٿورائتي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشھور اداڪارا ناديا جميل ھلندڙ سال اپريل جي شروعات ۾ تصديق ڪئي ھئي تھ ھو بريسٽ ڪينسر جو شڪار ٿي وئي آھي ۽ ھو علاج لاءِ لنڊن منتقل ٿي وئي. 7 اپريل تي سندس پھرين سرجري ٿي ھئي ۽ پوءِ ڪيموٿراپي شروع ڪئي وئي، ھو پنھنجي صحت جي حوالي سان مداحن کي آگاھ ڪندي رھي. گذريل ڏينھن اداڪارا انسٽاگرام پوسٽ ۾ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي ته ھن ڪينسر کي مات ڏئي ڇڏي آھي. ناديا جميل پنهنجي پوسٽ ۾ ڪينسر فري، ذيابيطس ۽ شگر فري جهڙا هيش ٽيگ استعمال ڪندي پنهنجي ماءُ، اولد ۽ ٻين گهرڀاتين سميت مداحن جا به دعائن تي ٿورا مڃيا. تصويرن ۾ ناديا جميل ڪمزور نظر اچي ٿي جڏهن ته هن پنهنجي پوسٽ ۾ ان ڳالهه تي خوشي ۽ خدا جا شڪر ادا ڪيا ته هو موذي مرض کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پنهنجي پوسٽ ۾ هن لکيوت ه بيماري جو مقابلو ڪندڙ جنگ تڪليف ڏيندڙ هئي جڏهن ته هو پنهنجي خدا جي رحمت مان ڪڏهن مايوس ناهي ٿي ۽ هو صحتيابي لاءِ دعائن تي مداحن جي ٿورائتي آهي. اداڪارا چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين هو اسپتال ۾ رهندي ۽ گهر وڃڻ کانپوءِ به هو ڪجهه وقت ڪمزور رهندي جڏهن ته هو هڪ نئين زندگي ۽ ان ئي خوبصورت دنيا ۾ اڳ جيان شاندار زندگي گذارڻ واري خيال تي خوش آهي جتي هو اڳ به کلندي ۽ مرڪندي هئي. هن چيو ته هو ڪجهه ڏينهن گهٽ خوراڪ جو سهارو وٺندي. اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن سندس ڪٽنب ۽ مداحن لاءِ بهترين هوندا.

Bookmark the permalink.