تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اداڪارا ماه نور پاران لاڪ ڊائون متاثر فنڪارا جي مدد

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ماه نور ساٿي اداڪارا عاليا چوڌري جي مدد ڪئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اداڪارا عاليا چوڌري شوبز سرگرميون بند هجڻ سبب ڏکيائين جو شڪار هئي ۽ گهر جو ڪرايو ادا نه ڪرڻ تي مڪان مالڪ کيس گهران ڪڍي ڇڏيو هو. عاليا چوڌري جهوپڙي ۾ زندگي گذارڻ لڳي جيئن ئي اداڪارا ماه نور کي خبر پئي ته هو عاليا چوڌري جي مدد لاءِ پهتي. ماه نور ساٿي اداڪارا عاليا چوڌري جي حالت ڏسي سندس مالي مدد ڪئي ۽ فوري ڪرائي تي گهر ڏيڻ جو بندوبست ڪيو. ماه نور جو چوڻ آهي ته ڪيستائين فنڪار ائين خوار ٿيندا، حڪومت فنڪارن تي رحم ڪري ۽ روزگار جا دڳ کولي.

Bookmark the permalink.