تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اداڪارا فيصل قريشي بجلي لوڊشيڊنگ مان تنگ

بجلي لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي، نيٺ ڪيستائين ائين ٿيندو: فيصل قريشي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي چيو آهي ته ادا جنريٽر يا ڊيزل وارن سان ڪو ڪانٽريڪٽ ڪريو ته جيئن اسان کي بجلي فراهم ٿي سگهي. فيصل قريشي به بجلي جي لوڊشيڊنگ مان تنگ ماڻهن ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ هن ٽوئٽر تي هڪ پوسٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي مخاطب ڪندي ٽوئيٽ ڪيو آهي. هن لکيو ته پهريان صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين بجلي نه هوندي هئي پوءِ رات جو هڪ وڳي ٻيهر هلي وئي، خدا کي خبر ڪڏهن بجلي واپس ايندي. آخر ۾ هن سوال ڪيو ته نيٺ ڪيستائين ائين ٿيندو رهندو؟ فيصل قريشي جي ٽوئيٽ تي ڪي اليڪٽرڪ طرفان لکيو ويو ته اسان اوهان جي شڪايت جو جواب اوهان کي ڊائريڪٽ ميسيج يعنيٰ ذاتي ميسيج ۾ موڪليو آهي. اداڪار جي اهڙي ٽوئيٽ تي صارفين مزاحيه جواب به ڏنا جڏهن ته فخر عالم به تبصرو ڪيو. هن لکيو ته اوهان پنهنجي بل جو اڪائونٽ نمبر ڪي اليڪٽرڪ کي ڊي ايم ڪريو.

Bookmark the permalink.