تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اداڪارا ريا چڪربورتي جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي جي مقامي عدالت نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو طرفان 8 سيپٽمبر تي گرفتار ڪيل اداڪارا ريا چڪربورتي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جيل ۾ ٻه راتيون گذارڻ کانپوءِ ريا چڪربورتي جي وڪيل ممبئي جي خاص عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني هئي جڏهن ته عدالت ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب خاص عدالت جي جج جي بي گرائو اداڪارا ۽ سندس ڀاءُ شووڪ چڪربورتي جي ضمانت جي درخواست رد ڪندي کيس جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو.

Bookmark the permalink.